علي دوست عاجز

علي دوست عاجز

علي دوست عاجز

علي دوست عاجز: علي دوست عاجز: شاعر ۽ اديب- علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست ولد محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1964ع تي فريدآباد، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1992ع ۾ ايم ايس سي (رياضي) ڪئي. ھي ڪجھ وقت ثانوي اسڪول ۾ استاد رهيو. 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينئر آڊيٽر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ 2013ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر سيلز ٽئڪس ٿيو. جنوري 2022ع کان ڪاسٽ اڪائونٽنٽ طور اِن لئنڊ روينيو ۾ خدمتون سراَنجام ڏئي رھيو آھي. ڪاڇي جي جاگرافيءَ بيھڪ ۽ جوھر بروھي صاحب جي صحبت کيس شاعريءَ لاءِ اُتساھيو. مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران هن شاعري شروع ڪئي. دادو ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران استاد بخاريءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي اثر سبب سندس شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي استاد بخاريءَ جو رنگ چڙھڻ لڳو. هن غزل، گيت، وائي، بيت، آزاد نظم، ترائيل ۽ ڏيڍ سٽِي جھڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خوشبو خوشبو خواب‘ (2000ع)، ’جھڙا تارا جرڪڻا‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2002ع)، ’اچن ڀنؤر ڀنڀوليا‘ (2003ع)، ’سوني باگو‘ (اوپيرا: 2004ع)، ’آديسي استاد (استاد بخاري ڏات ۽ ذات 2005ع)‘ ’رنگ رتو آڪاس‘ (2009ع)، ’سائر جو سوداءُ‘ (2013ع)، ’رتا روهيڙا‘ (2017ع)، ’ڪُونجان‘ (اوپيرا 2018ع)، ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2018ع)، ’مون کي چڙن چوريو‘ (گيت 2019ع ۽ ’مٿي ڪُلھن ڪينرا‘ (خاڪا 2019ع) شامل آهن. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي غزلن چوسٽن ۽ لنڊن جي ڊائري ۽ شاعريءَ کي ترتيب ڏئي ڇپائن جو ڪم ڪيو. ’آديسي استاد‘ ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ ڪتاب تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سنڌالاجيءَ طرفان بھترين ڪتاب جا اوارڊ مليا. آگسٽ 2023ع ۾ ادبي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغئه امتياز سان نوازيو ويو آهي.


لفظ علي دوست عاجزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.09.02  عيسوي

ناليواري شاعر علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1964ع تي فريدآباد، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيوڻو حفيظ
خٽڪ اجمل
عظيم الدين عظيم ٺٽوي
آثم ناٿن شاهي
بهاؤالدين
سيد علي شاهه
محبوب سروري
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
پٺاڻ محمد اڪرم
پلي ولي محمد وفا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون